اسحاق ڊار جي قطري هم منصب سان ملاقات

دوحه (ويب ڊيسڪ)ناڻي واري وزير اسحاق ڊار قطر ۾ پنهنجي هم منصب علي بن احمد الڪواري سان ملاقات ڪئي آهي، جنهن ۾ مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.ملاقات ۾ وزيراعظم جو خاص مددگار محمد جهانزيب خان ۽ قطر ۾ پاڪستان جي سفير پڻ شرڪت ڪئي.ٻنهي ملڪن جي ناڻي واري وزيرن جي ملاقات ۾ واپار، ٽيڪنالاجي، زراعت ۽ تعليم جي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.ان موقعي تي اسحاق ڊار چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ تاريخي ۽ مضبوط لاڳاپا آهن.ناڻي واري وزير اسحاق ڊار علي بن احمد الڪوري کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني.هن قطري ناڻي واري وزير کي فيفا ورلڊ ڪپ جي ڪامياب انعقاد تي مبارڪباد پڻ ڏني.

پهنجو تبصرو موڪليو