اسحاق ڊار آمريڪا جو دورو ملتوي ڪري ڇڏيو

اسحاق ڊار آمريڪا جو دورو ملتوي ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار آمريڪا جو دورو ملتوي ڪري ڇڏيو آهي. ناڻي واري وزير کي 10 اپريل کان ورلڊ بينڪ ۽ آءِ ايم ايف جي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻي هئي.حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته ناڻي واري وزير جو آمريڪا جو دورو ملڪي سياسي صورتحال سبب ملتوي ڪيو ويو. ناڻي واري وزير جي آمريڪا جي دوري دوران يو اي اي جي عملدارن سان به ملاقاتون طئي ٿيل هيون.هاڻي پاڪستاني وفد عالمي بئنڪ ۽ آءِ ايم ايف جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو، ناڻي وارو سيڪريٽري ۽ اقتصادي معاملن وارو سيڪريٽري به پاڪستاني وفد ۾ شرڪت ڪندو، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر به آمريڪا ويندو.پاڪستاني وفد آءِ ايم ايف جي عملدارن سان قرض پروگرام جي بحالي بابت ڳالهه ٻولهه ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو