استنبول(ويب ڊيسڪ) ترڪيه جي اهم مشهر استنبول جي مصروف ترين علائقي استقلال اوينيو ۾ زوردار ڌماڪو ٿيو آهي جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهو فوت ۽ زخمي ٿيا آهن. پوليس، فائر برگيڊ ۽ ريسڪيو ٽيمون امدادي ڪمن ۾ مصروف آهن. مقامي ميڊيا موجب 5 ماڻهن جي فوت ٿيڻ 11 جي حالت نازڪ هئڻ ۽ 27 کان مٿي زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن. هي انتهائي مصروف علائقو آهي جتي غير ملڪي سياح ۽ مقامي ماڻهو وڏي تعداد ۾ موجود هوندا آهن ۽ گهڻي ڀاڱي پيادل سفر ڪندا آهن ۽ شاپنگ ڪندا آهن. هي علائقو ترڪي جي يورپي حصي واري پاسي آهي.
https://twitter.com/tedregencia/status/1591782646169878528










