اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪنهن به صورت ۾ استعيفيٰ نه ڏيندس، آخري بال تائين مخالف ڌر جو مقابلو ڪندس ۽ ووٽنگ کان هڪ ڏينهن اڳ سڀني کي سرپرائز ڏيندس. وزيراعظم هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته ”غير جانبدار“ لفظ کي نيڪي جو حڪم ڏيڻ ۽ برائي کان روڪڻ جي حوالي سان غلط استعمال ڪيو ويو. هن چيو ته فوج تي غلط تنقيد ڪئي پئي وڃي، ملڪ کي مضبوط فوج جي ضرورت آهي، جيڪڏهن فوج نه هجي ها ته ملڪ ٽن حصن ۾ ورهائجي وڃي ها، فوج کي سياست لاءِ بدنام نه ڪيو وڃي. هن چيو ته ن ليگ ۽ پ پ جي سياست چوري ڪرڻ ۽ چوري کي لڪائڻ جي آهي، ڪنهن کي ان غلط فهمي ۾ نه رهن گهرجي ت مان گهر ويهندس، ڪنهن به حالت ۾ استعيفيٰ نه ڏيندس، هٿ مٿي ڪرڻ گهرجي؟ هن چيو ته بي اعتمادي جي ميچ کٽينداسين، ڪرپٽ ٽولي جي چوڻ تي استعيفيٰ نه ڏيندس، عوام مون سان گڏ آهي، 60 کان 65 سيڪڙو معزز ماڻهو مون سان گڏ آهن. وزيراعظم چيو ته 27 مارچ کانپوءِ منهنجي حمايت 90 سيڪڙو کان مٿي ٿي ويندي، مون وٽ ٽرمپ ڪارڊ آهي جيڪو شو ناهي ڪيو، ڪرپشن تي سمجهوتو نه ڪندس، منهنجا ٻه بنيادي اصول آهن، مان اين آر او نٿو ڏئي سگهان. احتساب ۾ مان پنهنجي خدا ۽ ملڪ سان خيانت نٿو ڪري سگهان. مخالف ڌر جي اڳواڻ سان هٿ ملائڻ بابت پڇيل سوال تي عمران خان چيو ته هو ڪرپشن ۾ لڙهيل شخص سان هٿ نه ملائي سگهي ٿو، بي اعتمادي جي رٿ کانپوءِ سندس سياست ختم ٿي وئي آهي، عمران خان جو چوڻ هو ته هو ڪرپشن ۾ ڦاٿل شخص سان هٿ نه ملائي سگهن. جي يو آءِ ف سربراهه تي هڪ ڀيرو ٻيهر تنقيد ڪندي وزيراعظم چيو ته فضل الرحمان سياست جو ٻارهين رانديگر آهي، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته فضل الرحمان کي ٽيم مان ٻاهر ڪيو وڃي. اڳوڻي گهرو وزير چوڌري نثار بابت پڇيل سوال تي عمران خان چيو ته سندس چوڌري نثار علي خان سان ملاقات ٿي ۽ ساڻس 40 سال پراڻو تعلق آهي.










