استعيفيٰ کيسي ۾ آهي, حڪم جو انتظارآهي، مراد شاهه

استعيفيٰ کيسي ۾ آهي, حڪم جو انتظارآهي، مراد شاهه

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته قائد جڏهن حڪم ڪندو ان ڏينهن اسان استعفيٰ ڏينداسين.ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته پيپلزپارٽي هڪ الڳ پارٽي آهي  استعفائون اسان جي کيسي ۾ آهن. ناصر حسن شاهه  چيو ته پيپلزپارٽي استعفيٰ ڏيڻ ۽ حڪومت ڇڏڻ لاءِ تيارآهي صرف قيادت جي حڪم جو انتظار آهي هن چيو ته ڪيپٽن (ر) صفدر جي گرفتاري بابت اسان جي جاچ مڪمل ٿي چڪي آهي ۽ ان جي رپورٽ ڪابينا ۾ پيش ڪئي وئي آهي.وڏي وزير چيو ته گرين لائن منصوبو اڃا تائين مڪمل نه ٿي سگهيو آهي ، اسان جو اورنج لائن منصوبوگرين لائن سان ڳنڍيل آهي.مراد علي شاهه چيو ته ڪراچي کي جديد سرڪلر ريلوي جي ضرورت آهي جيڪا ڪراچي جي عوام جو حق آهي  ڪراچي سرڪلر ريلوي ڪي سي آر هڪ قابل عمل منصوبو آهي جيڪو ڪراچي ۾ گهربل آهي  وفاقي حڪومت چوي ٿي ته اسان ايم ايل ون تعمير ڪنداسين. اها ڪراچي جي عوام سان ناانصافي آهي.هن چيو ته ڪي سي آر جيڪو شروع ڪيو ويو آهي ان جي رائيڊرشپ 22 سيڪڙو آهي ڪي سي آر 8هزار روپيا  ٽڪيٽن مان ڪمائي  ڪري ٿو پر هڪ سفر تي لکين روپيا خرچ ڪريون ٿا سڀاڻي تائين ڪراچي سرڪلر ريلوي جي حوالي سان جوابسپريم ڪورٽ ۾  جمع ڪرايو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو