خانواهڻ(رپورٽ عاجز امتياز نوح پوٽو)سنڌي ادبي سنگت شاخ خانواهڻ جي ڪانؤنسلر سينيئر شاعر ۽ صحافي عاجز اميتاز نوح پوٽو، اعجاز احمد نوح پوٽو، فوجي سجاد احمد نوح پوٽو، جو والد (ر) پرائمري استاد احمد بخش نوح پوٽو جي دعاء ٽيجهو رسم ٿي گذري، جنهن ۾ رات جو قرآن خواني ۽ محفل نعت پڻ ڪرائي وئي جنهن ۾ سنڌ جي مشهور نعت خوانن نعت رسول و مقبول پيش ڪيون.

جڏهن ته صبح جو خيرات في سبيل لله ڪئي وئي جنهن ۾ ديهات شھر جو مشھور عالم دين جو چشم چراغ قاضي نظير احمد سومرو، وڏيرو پرويز علي ڪلهوڙو, ساس جو اڳوڻو اڳواڻ ڄام محبت علي سهتو, يونين آف جرنلسٽ تعلقہ محراب پور جو جوائنٽ سيڪريٽري پرويز حسين ڀنڊ، سنڌ صحافي سنگت سنڌ ضلع نوشھرو فيروز جو چيئرمين سينيئر صحافي ايم ظفر تڳڙ ، سينيئر شاعر ۽ اديب جبار ملاح ،سنڌ جو سرموڙ شاعر ۽ ليکڪ رفيق سيال، رئيس نثار احمد ڪلهوڙو، سرائي ارشاد احمد هرياه، صحافي محمد هاشم چنو، قادري تحريڪ يونٽ ديهات جو صدر گلزار احمد سهتو قادري، قادري تحريڪ يونٽ نوشھروفيروز نائب صدر ولي محمد قادري، پاڪ آرمي ايڪس مين سروس سوسائٽي سنڌ ضلع نوشھروفيروز جو صدر ايس ايم(ر) عبدالله ملاح صاحب، آلريڊي ڪيپٽن (ر) الھڏنو سومرو صاحب،ٽاؤن خانواهڻ جو صدر حوالدار غلام رسول ڪونڌر، سميت سياسي، سماجي، ادبي، مذھبي، صحافتي،توڙي علائقي جي عوامي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، آخر ۾ مرحرم استاد احمد بخش نوح پوٽو جي مغفرت لاء دعاء خير گهري وئي ۽ جڏهن تہ مرحوم جي پوئرن سان تعزيتي سلسو هلندڙ آهي










