استادن جي ٽرينرز لاءِ پروفيشنل ماسٽر ڊگري پروگرام شروع ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر )سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه جي انٽرنيشنل ٽيچرز ڪانفرنس ۾ شرڪت، گورنمينٽ ايليمينٽري ڪاليج آف ايجوڪيشن ۾ منعقد ڪانفرنس ۾ تعليم جي شعبي سان لاڳاپيل ماڻهن شرڪت ڪئي. ڪانفرنس جو مقصد استادن جي تربيت واري شعبي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ صحتمند بحث ۽ تجويزن جو موقعو فراهم ڪرڻ هو. ان موقعي تي ٻڌايو ويو ته سنڌ حڪومت پاران آڪسفورڊ يونيورسٽي ۽ سماجي تنظيم دوربين سان گڏجي ٽيچرز ٽرينرز لاءِ ماسٽر ڊگري پروگرام شروع ڪرڻ جي منصوبي تي ڪم جاري آهي، جڏهن ته ان حوالي سان سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان مشاورت شروع ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي خطاب ڪندي سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار شاهه چيو ته سرڪاري اسڪولن ۾ استادن جي کوٽ جو مسئلو حل ڪيو ويو آهي، نئين ڀرتي ٿيل استادن جي تربيت ۽ ان جي معيار کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته آئين ۾ جنهن مفت تعليم جو فرض آهي ان ذميواري کي بهتر نموني سان نڀائڻ به اسان جو فرض آهي پر ان سڀني لاءِ اسان سول سوسائٽي ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرز جي سهڪار سان تعليم جي شعبي کي ترقي وٺرائي سگهون ٿا. سردار شاهه آڪسفورڊ يونيورسٽي ۽ دوربين جي نمائندن جا ٿورا مڃيندي چيو ته ٽيچرز ٽرينرز جي لاءِ ماسٽر ڊگري پروگرام ۾ سهڪار ۽ رهنمائي سان هن پيشي ۾ وڌيڪ بهتري ايندي. هن چيو ته سنڌ ۾ نصاب بابت ڪيترائي مسئلا حل ٿي ويا آهن. سردار شاهه چيو ته سنڌ جو نصاب انڪلوسو، لائف اسڪل بيس، پليورلزم جي بنياد تي مرتب ڪيو ويو آهي، سڄي سنڌ ۾ استادن جي تربيتي ادارن کي وڌيڪ فعال بڻائڻ لاءِ پروگرام شروع ڪيو ويو آهي. سنڌ جي تعليم واري وزير چيو ته سنڌ ۾ استادن جا لائسنس جاري ڪرڻ جو مسودو قانوني مشاورت کانپوءِ ڪابينا آڏو پيش ڪيو ويندو. استاد جي لائسنس حاصل ڪرڻ کانپوءِ اميدوار 16 گريڊ جي نوڪري حاصل ڪري سگهندو. ٽيچرز لائسنس هڪ استاد جي پروفيشنل معيار ۽ اهميت جي نشاني هوندو، جڏهن ته ٻين پيشن وانگر استادن کي به لائسنس ملڻ بعد قانوني تحفظ حاصل هوندو. ان موقعي تي ڊائلاگ سيشن ۾ تعليم جي ترقيءَ لاءِ استادن جي جديد طريقن سان تربيت جي ضرورت تي زور ڏنو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو