استادن جو احتجاج، پوليس جي شيلنگ بعد ڳالهيون ڪامياب

استادن جو احتجاج، پوليس جي شيلنگ بعد ڳالهيون ڪامياب

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان جي رهائش بني گالا ڏانهن احتجاج لاءِ ويندڙ  استادن تي پوليس جي لٺبازي ۽ شيلنگ ڪيترائي استاد گرفتار، احتجاج ڪندڙن کي پوليس منتشر ڪري ڇڏيو. گذريل رات پنجاب جي تعليم کاتي ۾ 7 سالن کان ڪم ڪندڙ 13000 جي لڳ ڀڳ استادن مان 700 جي لڳ ڀڳ استادن ريگولرائيزيشن پاليسي خلاف احتجاج ڪيو ته پوليس مٿن ڪڙڪي پئي.

استاد جو چوڻ آهي ته نئين پاليسي ۾ چيو ويو آهي ته جيڪي فيدرل پبلڪ سروس ڪميشن جو امتهان پاس ڪندا صرف انهن کي ريگولر ڪيو ويندو. استاد جو چوڻ آهي ته ٻين صوبن وانگر 7 سالن کان ڪم ڪندڙ استادن کي ريگولر ڪرڻ گهرجي. آچر ڏينهن استادن جي وفد ڪمشنر راولپنڊي انوارالحق سان ڳالهيون ڪيون جنهن ۾ طئي ٿيو ته استادن جو وفد سومر تي لاهور ۾ قانون واري صوبائي وزير راجه بشارت سان ملاقات ڪري معاملو حل ڪندا. هوڏانهن پنجاب جي تعليم واري وزير مراد راس چيو آهي ته استادن سان هڪ هفتي کان ڳالهيون هلن پيون، هنن استادن کي نون کي ليگ وارن بني گالا موڪليو آهي. گرفتار استادن کي آزاد ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو