اسان کي پنهنجي پيرن تي بيهڻو پوندو:وزيراعظم

اسان کي پنهنجي پيرن تي بيهڻو پوندو:وزيراعظم

اسلام آباد(بيورو) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته چين ۽ سعودي کان ڪيستائين مدد ڪندا رهندا، اسان کي پنهنجي پيرن تي بيهڻو پوندو، آءِ ايم ايف سان شرط طئه ٿي ويا ۽ نوان شرط نه رکيا ويا ته معاهدو جلد ٿي ويندو. اسلام آباد ۾ ن ليگ جي سينيٽرن کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته گذريل حڪومت ساڍن ٽن سالن ۾ عوام جو ڪو خيال نه رکيو، اسان جو موقف هو ته چونڊ سڌارا ڪري چونڊون ڪرايون وڃن پر هاڻي اتحادين جو گڏيل فيصلو آهي ته 14 ميهنن وارو مدو پورو ڪيو وڃي. وزيراعظم شهباز شريف وڌيڪ چيو ته الله تعاليٰ ان قوم جي حالت بدلائيندو آهي جيڪا قوم پنهنجي حالت پاڻ بدليندي آهي، پاڪستاني قوم کي الله قدرتي وسيلن سان مالا مال ڪيو آهي، پر سان حالتون بدلائي ناهيون سگهيا جنهن جي قصوروار قوم نه پر قيادت آهي، اسان پنهنجي وسيلن کي غلط استعمال ڪيو.شهباز شريف چيو ته عمران خان نئين حڪومت لاءِ بارودي سرنگهن جو ڄار وڇايو، پيٽرول سستو ڪرڻ لاءِ گذريل حڪومت ڪائي فنڊنگ نه ڪئي، حڪومت ۾ اچڻ کانپوءِ ڪيترن ئي چئلينجز کي منهن ڏئي رهيا آهيون، اسان کي قوم جي حالت بهتر ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻا پوندا.وزيراعظم وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن اسان فيصلو ڪري وٺون ته تاريخ جو رخ موڙڻو آهي ته الله تعاليٰ به اسان جي مدد ڪندو، اسان چين ۽ سعودي کان ڪيستائين گهرندا رهنداسين، اسان کي پنهنجي پيرن تي بهيڻو پوندو، گذريل حڪومت قوم جو وقت ۽ وسيلا تباهه ڪيا، گذريل حڪومت جي ڪيل غلط فيصلن نقصان اسان ڀري رهيا آهيون اهو ئي سبب آهي ته عام واهپي جي شين سميت مختلف شين جا اگهه وڌايا ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو