پاڪستان جي عزت ۽ وقار دنيا ۾ بلند ڪرڻ گهرجي: اويس شاهه

پاڪستان جي عزت ۽ وقار دنيا ۾ بلند ڪرڻ گهرجي: اويس شاهه

نئون ديرو(رپورٽر) سنڌ اسيمبلي جي نئين چونڊيل اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ڪو چيئرمين ۽ ملڪ جي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان کپي جو نعرو هنيو آهي، ڇاڪاڻ جو اسان کي پاڪستان جي عزت ۽ وقار دنيا ۾ بلند گهرجي. آصف علي زرداري جي هڪ ڀيرو ٻيهر صدر پاڪستان ٿيڻ بعد ملڪ جو نقشو تبديل ٿي ويندو ۽ ملڪ هڪ ڀيرو ٻيهر خوشحال ٿيندو ۽ ترقي ٿيندي. ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني قائم ٿيندي. اسپيڪر سنڌ اسيمبلي اويس قادر شاهه، ڊپٽي اسپيڪر انٿوني نويد، امداد پتافي، ضياءُ الحسن لنجار ۽ ٻين سان گڏجي ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي شهيد قائدين قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو، بيگم نصرت ڀٽو ۽ ٻين شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري گل رکي چادرون چاڙهي فاتحه خواني ڪئي. جنهن بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته شهيدن جي آخري آرامگاهه تي آيو آهيان ڇاڪاڻ جو آئون پ پ جو جيالو آهيان ۽ رهندس، اسپيڪر جي عهدي جو حلف کڻڻ بعد قائدين کي سلام پيش ڪرڻ هتي آيو آهيان. پارٽي قيادت ڪو چيئرمين آصف علي زرداري، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو ٿورائتو آهيان جن منهنجي مٿان اعتماد ڪري اسپيڪر سنڌ اسيمبلي بڻايو. هن چيو ته اسان اپوزيشن ۽ حڪومتي ميمبرن کي گڏ کڻي هلنداسين. اڄ شهيدن جي مزارن تان هي پيغام ڏيندس ته هن وقت ضرورت آهي ته ملڪي مفادن خاطر گڏجي ڪم ڪريون. معيشت کي بهتر ڪري امن و امان، پيار محبت ۽ ڀائيچاري کي قائم ڪريون ۽ تاريخ گواهه آحي ته هتي دفن ٿيل شهيدن پاڪستان ۾ جمهوريت جي بحالي لاءِ پنهنجي جانين جون قربانيون ڏنيون ۽ ڪڏهن به سوديبازي نه ڪئي. هنن تخت دار تي چڙهڻ قبول ڪيو پر هار نه مڃي. اهي شهيد اڄ به عوام جي دلين ۾ زندهه آهن ۽ انهن کي ختم ڪرڻ وارن جو نالو نشان به باقي ناهي رهيو. اسان سنڌ جي عوام جا ٿورائتا آهيون جن مينڊيٽ ڏئي اسان کي هڪ ڀيرو ٻيهر ايوانن تائين پهچايو آهي. برساتن ۾ خراب ٿيل صورتحال کي پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن مطابق جلد ٺيڪ ڪنداسين ۽ چيئرمين سان جيڪي واعدا ڪيا آهن پهرين انهن کي پورو ڪيو ويندو. سنڌ جي هر ضلعي ۽ هر ننڍي وڏي شهر ۾ ڪم ڪنداسين. پ پ جو نعرو آهي ته پ پ ايندي روزگار ڏيندي. ڪجهه قانوني پيچيدگيون هيون جنهن جي ڪري زنڊڪون پيدا ڪيون ويون آهن. هن ايم ڪيو ايم جي ليڪ ٿيل آڊيو بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ چيو ته مون اها آڊيو ناهي ٻڌي تنهن ڪري ڪو به ڪمينٽ نٿو ڏئي سگهان. هن چيو ته ڪهڙي به جماعت جا ماڻهو هجن سڀئي هڪٻئي سان پيار ۽ محبت سان رهن، ڳالهائڻ سان مسئلا حل ٿيندا آهن ان لاءِ گڏجي ويهي ڪم ڪرڻو پوندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو