اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ جي 43 ميمبرن جي ايوان ۾ داخلا بابت قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف جو بيان سامهون اچي ويو.راجا پرويز اشرف چيو آهي ته اسان کي لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ناهي مليو.قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو آهي ته جڏهن فيصلو ايندو ته هو پڙهي ۽ جاچ ڪري فيصلو ڪندو.ان کان اڳ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پي ٽي آءِ جي 43 ميمبرن کي ايوان ۾ داخل ٿيڻ نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو هو.










