ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ قانون واري صلاحڪار بئريسٽر مرتضيٰ وهاب ڪابينا اجلاس ۾ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته سنڌ ڪابينا جو اجلاس اڄ وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيو. اجلاس جو ايجنڊا وڏو هو تنهن ڪري جمعرات تي ٻيهر ڪابينا جو اجلاس ٿيندو. بئريسٽر مرتضيٰ وهاب سنڌ اسيمبلي بلڊنگ ۾ ميڊيا ڪارنر تي بريفنگ ڏيندي چيو ته ڪابينا جي گڏجاڻي ۾ ترڪيه ۾ آيل زلزلي تي افسوس جو اظهار ڪندي ڏک جي هن گهڙي ۾ انهن سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي تعزيت جو پڻ اظهار ڪيو ويو. پشاور پوليس لائن جو افسوسناڪ واقعو جنهن ۾ 88 ڄڻا مارجي ويا هئا سنڌ ڪابينا ڏک جو اظهار ڪندي سنڌ ڪابينا جي ميمبرن وڏي وزير کي خراج تحسين پيش ڪيو. وڏي وزير زخمين جي عيادت ۽ متاثر خاندانن لاءِ مالي مدد جو اعلان ڪيو. ان کان علاوه ڪابينا سجاول هيلٿ يونٽ جي اپ گريڊيشن جي منظوري ڏني. جناح اسپتال ۾ مستقل سهولتن کي يقيني بڻائڻ لاءِ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ آڻڻ جي منظوري ڏني. هن چيو ته جناح اسپتال ۾ سائبر نائف مشين موجود آهي ۽ تمام جلد ٽين مشين به خريد ڪئي ويندي ته جيئن ماڻهو ان مان فائدو وٺي سگهن. پيشنٽ ايڊ فائونڊيشن جي گرانٽ کي وڌائي پنج ملين ڪيو ويو آهي. ڪراچي جناح اسپتال مان پاڪستان جا 167 شهري ماڻهو فائدو وٺندا آهن اڳ ۾ جناح اسپتال ۾ 11 سئو بسترا هئا، اسان اسپتال کي 2208 بسترن تي تبديل ڪري ڇڏيو آهي. جيڪڏهن ڪو مريض امداد لاءِ هڪ سؤ رپيا ڏيندو ته سنڌ حڪومت به اها ئي رقم ڏيندي، ان کان علاوه چار ارب رپين جي لاڳت سان نئون سرجري ڪمپليڪس تعمير ڪيو ويندو، جنهن کانپوءِ هڪ ميڊيڪل ڪمپليڪس هوندو. هن چيو ته سنڌ حڪومت ڪراچي واٽر بورڊ کي بهتر ۽ خودمختيار بڻائڻ لاءِ نئون بل منظور ڪيو آهي. ان جي منظوري سنڌ اسيمبلي جي اڄوڪي اجلاس ۾ ورتي ويندي، اسٽريٽ ڪرائم تي ضابطو آڻڻ لاءِ ٽارگيٽيڊ آپريشن جي منظوري ڏني وئي آهي، ان سان ڏوهن ۾ گهٽتائي آئي آهي، ان کان علاوه اسٽريٽ ڪرائم تي ضابطو آڻڻ لاءِ ان تي قانون سازي ڪري رهيا آهيون ۽ قانون کاتي ان جو ڊرافٽ تيار ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته سيف سٽي اٿارٽي جو قانون منظور ڪرايو ويو آهي. هن سال اين آر ٽي سي جي سهڪار سان پهريون مرحلو مڪمل ڪيو ويندو، ڪراچي جي داخلي ۽ خارجي رستن تي ڪيمرا لڳايا ويندا، تازو برساتن سنڌ ۾ تباهي مچائي ڇڏي هئي ۽ روڊ نيٽ ورڪ تباهه ٿي ويو هو ان آفت کي منهن ڏيڻ اسان لاءِ هڪ چيلنج هو ڇو ته سيپٽمبر تائين آفت هئي ۽ ڪڻڪ جي پوکائي آڪٽوبر کان ٿيڻي هئي. اسان نومبر تائين پنهنجي ڪوششن کي يقيني بڻايو. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن ۽ اسان جي محنت سان ڪڻڪ جي پوک ممڪن ٿي ۽ ڪڻڪ وڌيڪ پيداوار ٿي، 15 فيبروري کان ڪڻڪ جي خريداري شروع ڪنداسين. 14 يا 15 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ خريد ڪري هارين کي فائدو پهچنداسين. بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته برساتن سبب 20 لک ملڪيتن جي تباهه ٿيڻ جي تصديق ٿي چڪي آهي. گهرن جي تعمير لاءِ 3 لک رپيا امداد ڏني ويندي. رقم ورهائڻ کان پوءِ اها به تصديق ڪئي ويندي ته اها صحيح جاءِ تي خرچ ٿي آهي يا نه. جنهن جي تصديق لاءِ پنج غير سرڪاري کاتن سان معاهدو ڪيو ويو آهي. صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته اسان چاهيون ٿا ته 140-A جي مڪملي ٿئي، اسان ميئر کي واٽر بورڊ جو چيئرمين بڻايو آهي، مصطفيٰ ڪمال مون کان وڏو آهي ۽ سندس عزت ڪريان ٿو. مان کين ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته موجوده صورتحال ۾ اسان ڌرڻن، باهه لڳڻ واري سياست برداشت نٿا ڪري سگهون، جڏهن آدمشماري جي ڳالهه آئي ته رڳو سنڌ جي وڏي وزير ان جي مخالفت ڪئي. پي ٽي آءِ جو عمران خان هجي، ايم ڪيو ايم، جي ڊي اي هجي سڀني منظوري ۾ ان جو ساٿ ڏنو جڏهن اها منظوري پارليامينٽ ۾ وئي ته تاج حيدر سنڌ جو ڪيس اٿاريو، جيڪڏهن توهان اسان جو ساٿ ڏيو ها ته شايد اها تڪراري آدمشماري منظور نه ٿئي ها.










