ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي صحت ۽ آدمشماري واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو چيو آهي ته سنڌ جي صحت کاتي وٽ ڪينسر ۽ ان جهڙي موذي مرض پيپيلوما وائرس بابت ڊيٽا موجود ناهي.ڊاڪٽر عذرا پيچوهو ڪراچي يونيورسٽي جي ICCBS ۾ IPVS سمپوزيم جي افتتاحي تقريب ۾ مهمان طور شرڪت ڪئي.تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته صحت کاتي وٽ ڪينسر جي مريضن جو ڊيٽا موجود ناهي، جڏهن ته خدشو آهي ته حامله عورتن، مليريا ۽ مختلف بيمارين سبب فوت ٿيندڙن جو ڊيٽا به غلط آهي. هن چيو ته اسان وٽ ڪئمپس ۾ 9 هزار رجسٽرڊ ٻوڏ متاثر حامله عورتون آهن پر خانگي اسپتالن مان ڊينگي جو ڊيٽا نه اچي رهيو آهي، روزاني جي بنياد تي 150 کان 200 ماڻهو ڊينگي جو شڪار ٿي رهيا آهن.سنڌ جي صحت واري وزير چيو ته مختلف بيمارين وگهي فوتگين جا انگ اکر غلط هجڻ جو خدشو آهي ڇو ته گهرن ۾ ٿيندڙ موتن جي خبر ناهي هوندي پر سڀ کان وڌيڪ موت گيسٽرو، دستن ۽ پيٽ جي بيمارين سبب ٿي رهيا آهن.عذرا پيچوهو چيو ته سسٽم ايترو متاثر ٿيو آهي جو 1200 صحت مرڪز غير فعال ٿي ويا آهن، جنهن سبب ڊيٽا گڏ ڪرڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن.هن چيو ته ننڍي عمر جي ڇوڪرين کي پيپيلوما وائرس جي ويڪسينيشن ذريعي رحم جي ڪينسر ۽ سروائيڪل ڪينسر کان بچاءُ ممڪن آهي.صوبائي صحت واري وزير چيو ته سنڌ جي صحت واري وزارت ڪوشش ڪري رهي آهي ته صوبي ۾ هن موذي مرض کان متاثر علائقن ۾ بيمارين خلاف هڪ منظم اميونائيزيشن پروگرام شروع ڪيو وڃي پر انهن بيمارين جي روڪٿام لاءِ تحقيق جي وڏي ضرورت آهي. عذرا پيچوهو جو چوڻ آهي ته هڪ صحتمند ماءُ هڪ صحتمند خاندان جي پرورش ڪري سگهي ٿي.هن چيو ته هي ڪينسر هڪ ئي ايجنٽ جي ڪري ٿئي ٿو، ان ڪري ان جو علاج ٻين قسم جي ڪينسر جي ڀيٽ ۾ آسان آهي، پر شعور ۽ ويڪسينيشن جي کوٽ سبب ان کي ڪينسر جي سڀ کان وڌيڪ عام قسمن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو.صوبائي صحت واري وزير چيو ته صحت کاتي سنڌ جي وڏن شهرن ۾ زچگي جي ڪيترن ئي مرڪزن ۾ اسڪريننگ شروع ڪئي آهي ۽ ان ڪوششن ۾ عالمي ڀائيوارن جي مشوري ۽ ٽيڪنيڪل مدد جو منتظر آهي.هن وڌيڪ ٻڌايو ته صحت واري صوبائي وزارت هن وقت تازين تباهي واري ٻوڏ جي چئلينجن کي منهن ڏئي رهي آهي ۽ نه رڳو انهن کي زندگي جي بنيادي ضرورتن جي فراهمي جي ذميوار آهي پر انهن جي حفاظت پڻ ڪري رهي آهي.عذرا پيچوهو اهو پڻ چيو ته صحت کاتو هن وقت جاني نقصان واري بيمارين جهڙوڪ ڊينگي، مليريا، گيسٽرو، پاڻيءَ مان پيدا ٿيندڙ انفيڪشن، ريش ۽ ٻين بيمارين کي روڪڻ لاءِ ضروري قدم کڻي رهيو آهي.ڪانفرنس ۾ سڄي دنيا جي ڊاڪٽرن پاران آن لائن شرڪت ڪئي وئي جن انساني پيپيلوما وائرس ۽ ان جي ويڪسين جو اڀياس ڪيو آهي.ڪانفرنس جي پينل ۾ آءِ سي سي بي ايس جي سرپرست اعليٰ ڊاڪٽر عطا الرحمان، ڪراچي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر خالد ايم عراقي، جرمن قونصل جنرل روڊگر لوٽز ۽ آءِ سي سي بي ايس جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر اقبال چوڌري پڻ شرڪت ڪئي.










