ٽنڊوباگو (ن س) ٽنڊوباگو لڳ کڏهرو يوسي جي سماجي اڳواڻ مير ولي محمد ٽالپر جي ڪوشش سان سنڌ حڪومت ۽ سماجي ماڻهن جي تعاون سان يوسي صاحب خان ۽ يوسي کڏهرو جي برسات متاثر 250 مستحق خاندانن جي عورتن ۽ مردن ۾ راشن بيگ ۽ تنبو ڏنا ويا. ان موقعي تي مير ولي محمد ٽالپر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان هر وقت عوام جي خدمت ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. پنهنجي وس آهر ڪوشش جاري آهي، اسان سماجي تنظيمن کي به اپيل ٿا ڪيون ته هن علائقي جي مستحق ماڻهن جي مدد ڪري جيئن وڌ کان وڌ متاثر خاندانن جي مدد ٿي سگهي.










