اسان جي سينيٽ چيئرمين لاءِ مطالبو نه هيو ، اهو طئي ٿيل معاملو آهي: قمر زمان

اسان جي سينيٽ چيئرمين لاءِ مطالبو نه هيو ، اهو طئي ٿيل معاملو آهي: قمر زمان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)وزيراعظم جي صلاحڪار ۽ پ پ جي سينيئر اڳواڻ قمر زمان ڪائره چيو آهي ته اسان جو چيئرمين سينيٽ جو مطالبو ڪو نئون ناهي، نجي ٽي وي سانڳالهائيندي قمر زمان قائره چيو ته سينيٽ ۾ اسان جي اڪثريت آهي، چيئرمين سينيٽ اسان جو حق آهي،هن وڌيڪ چيو ته پيپلزپارٽي پنهنجي حصي کان وڌيڪ نه گهري هئي، گورنر پنجاب جو عهدو اسان جو پهرين ڏينهن کان مطالبو هو ۽ فيصلو ڪيو ويو ته ان ۾ ڪو به تعطل آيو ته هڪ ٻن ڏينهن ۾ حل ڪيو ويندو. هن چيو ته اتحادي پارٽين جا ڪجهه مسئلا آهن پر اهي ڊيڊ لاڪ نه ٿيندا.

پهنجو تبصرو موڪليو