اسلام آباد (م ڊ) پاڻي وسيلن واري وفاقي وزير شيري رحمان چيو آهي ته اسان جي سسٽم ۾ پاڻي گهٽجي ويو آهي ماحولياتي وزارت پاڻي جي کوٽ جي حوالي سان اڄ ڪابينا کي بريف ڪندي وفاقي وزير شيري رحمان تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته دنيا ۾ وڏن ڊيمن جو رجحان گهٽ ۽ ننڍن ڊيمن جي اڏاوت جو رجحان وڌي رهيو آهي وڏن ڊيمن جي تعمير لاءِ وڏي انگ ۾ فنڊ گهربل هوندا آهن هن چيو ته ڀارت ۾ وڏن ڊيمن جي خلاف ماڻهو احتجاج ڪن ٿا اسان کي پنهنجي وسيلن کي نظر ۾ رکندي ننڍا ڊيم ٺاهڻ گهرجن هن چيو ته اسان کي پنهنجي رٿائن جون ترجيحون تبديل ڪرڻيون پونديون اسان جي ڊيمن جا منصوبا 10 کان 15 سالن تائين مڪمل نٿا ٿين هن چيو ته اسان وٽ وڏا ڊيم ٺاهڻ لاءِ نه وسيلا آهن نه ئي وقت آهي.










