اسان خلاف ڪو فيصلو آيو ته ڇا اهو هضم ڪيو ويندو؟ ڪائره

اسان خلاف ڪو فيصلو آيو ته ڇا اهو هضم ڪيو ويندو؟ ڪائره

اسلام آباد(بيورو)پيپلزپارٽي جي اڳواڻ قمر زمان ڪائرا چيو آهي ته اسان جي خلاف ڪو فيصلو آيو ته ڇا اهو هضم ڪيو ويندو؟ حڪمران اتحاد لاءِ ڪو به تڪراري فيصلو هضم ڪرڻ مشڪل هوندو، سپريم ڪورٽ کي استدعا آهي ته ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ بابت فيصلو ڪرڻ لاءِ فل ڪورٽ جوڙي وڃي قمر زمان ڪائرا چيو ته ڪجهه ججز جا رمارڪس تڪراري آهن، فل ڪورٽ جوڙي هن معاملي کي هميشه لاءِ حل ڪيو وڃي هن چيو ته عمران خان کي ملڪ ۾ گار گند ۽ ڌمڪين وارو ڪلچر متعارف ڪرڻ تي شرمندگي ظاهر ڪرڻ گهرجي

پهنجو تبصرو موڪليو