سانگهڙ(ن سنڌيار) وزير اعلي جا ٿورائتا جن تقريب ۾ شرڪت ڪئي اها اسان لاءِ همٿ افزائي آهي. 1951 ۾ ادارو ٺهيو اڄ 172 پريڊ آهي جنهن ۾ 561 آئي ايس آئي شامل آهن. سيد عبدالله شاهه 1994 ۾ هن کي اسڪول مان ڪاليج جو درجو ڏنو. هن ۾ 2200 اهلڪارن کي تربيت ڏيڻ جي گنجائش آهي. پوليس اهلڪارن جا گريڊ وڌائڻ تي ٿورائتا آهيون اسان جو ڪم ماڻهن جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪرڻ آهي جيڪو فرض انجام ڏينداسين ڪجهه دهشتگردي ۽ بدامني جا واقعا ٿيا جن ۾ گهٽتائي آئي آهي. هن اداري ۾ تربيت دوران عملي ٽريننگ سان گڏ قانون پڙهايو وڃي ٿو. اداري جي اهلڪارن کي کاڌي پيتي جي مد ۾ ٽريننگ دوران وضيفو ڏنو وڃي










