اسان جو چونڊيل ميئر ئي ڪراچي ۾ امن ۽ روشنيون بحال ڪري سگهي ٿو

اسان جو چونڊيل ميئر ئي ڪراچي ۾ امن ۽ روشنيون بحال ڪري سگهي ٿو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي چيو آهي ته جماعت اسلامي جو چونڊيل ميئر ئي ڪراچي ۾ امن ۽ روشنيون بحال ڪري سگهي ٿو، ميئرڪراچي جي چونڊ ۾حڪومتي پارٽي جو اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ غير آئيني ۽ غير جمهوري قدم افسوس ناڪ آهي، ڪراچي جي عوام سڀ کان وڌيڪ ووٽ جماعت اسلامي کي ڏنا آهن جيڪو سندن پاران جماعت اسلامي تي ڀرپور اعتماد جو اظهار آهي انڪري عوامي مينڊيٽ جو احترام ٿيڻ گهرجي. صوبائي امير اڄ هڪ بيان ۾ وڌيڪ چيو ته جماعت اسلامي وصيت ۽ نصحيت واري پارٽي ۽ نه ئي وري خانداني جماعت آهي بلڪه حقيقي معنى ۾ هڪ جمهوري ۽ ديني سياسي جماعت آهي، جماعت اسلامي ڪا به غيرآئيني ۽ غيرجمهوري رستو اختيار ڪونه ڪندي بلڪه دستور ۽ جمهوريت مطابق حڪومتي پارٽي جي هر سازش جو مقابلو ڪندي. ڪراچي جو امير حافظ نعيم الرحمان نه رڳو ڪراچي بلڪه سڄي سنڌ جو ڪيس وڙهي رهيو آهي اهوئي سبب آهي جو اڄ سڄي سنڌ ۾ پ پ بلامقابلي پنهنجا اُميدوار ڪامياب ڪرائي رهي آهي، پر ڪراچي ۾ حافظ نعيم الرحمن سندن سامهون جبل وانگر ڄمي بيٺل آهي ان شاء الله فتح حق جي هوندي.هوڏانهن صوبائي امير ڪنڌڪوٽ ۾ ٽريفڪ حادثي ۾ قيمتي انساني جانين جي زيان ٿيڻ ۽ حيدرآباد ۾ سينئر صحافي ۽ مقامي اخبار (ڪوشش) جي ايڊيٽر نعمت کهڙي جي ڀائيٽي اسد کهڙو سميت ٻن نوجوانن جي اڪرم واه ۾ ٻڏي فوت ٿي وڃڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي مرحومين جي مغفرت ۽ پوئنرن لاءِ صبر جميل جي دُعا ڪئي آهي.#

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو