اسان جو آئين اقليتن جي حقن جي ضمانت ڏئي ٿو: صدر آصف

اسان جو آئين اقليتن جي حقن جي ضمانت ڏئي ٿو: صدر آصف

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)صدر آصف علي زرداري ايسٽر جي موقعي تي هڪ خاص پيغام جاري ڪيو آهي، آصف علي زرداري پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ايسٽر اسان کي رحم، قرباني ۽ معافي جي قدرن جي ياد ڏياري ٿو. اهو اميد، تجديد ۽ زندگي جي جشن جو هڪ موقعو پڻ آهي، هن چيو ته اسان جو آئين اقليتن جي حقن جي ضمانت ڏئي ٿو، اسان پاڪستان ۾ سڀني اقليتن جي ترقي ۽ بااختيار بڻائڻ لاءِ ڪم جاري رکنداسين،صدر وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ عيسائي برادري هميشه ملڪ جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي،هن چيو ته هو تعليم، صحت ۽ عوامي خدمت جي شعبن ۾ عيسائي برادري جي تعاون جو اعتراف ڪري ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو