ٻڌو ڇو نٿا،عوامي لائو ڦاٽو ته سليڪٽر به محفوظ نه رهندا

ٻڌو ڇو نٿا،عوامي لائو ڦاٽو ته سليڪٽر به محفوظ نه رهندا

ڪنڌڪوٽ(غالب بلوچ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عوام جو صبر جواب ڏئي چڪو آهي ۽ عوامي لائو ڦاٽو ته سليڪٽر به محفوظ نه رهندا. اهڙو اظهار هن ڪنڌ ڪوٽ ۾ عام جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته نااهل حڪومت عوم جو جيئڻ جنجال ڪيو آهي غريب هاري ۽ مزدور ٻن ويلن لاءِ پريشان آهي. تبديلي سرڪار پارليامينٽ کي تالو هنيو آهي، ميڊيا تي پابندي آهي، مخالفن کي بنا سزا جيلن ۾ بند ڪيو آهي ۽ طبي سهولتن کان محروم ڪيو آهي. آخر ڪهڙو سبب آهي جو هر طبقو سڙڪن تي آهي. ڪهڙو سبب آهي ته ڪو به اسانجو آڀاز ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي. ملڪي حالتون انتهائي خطرناڪ ڏسان پيو نالائق ۽ نا اهل وزيراعظم کي گهر موڪلڻو پوندو. پيپلزپارٽي پاران صوبائي وزير شبير علي خان بجاراڻي جي ميزباني ھيٺ ڪراچي ۽ ٿر کانپو۽ ڪنڌڪوٽ ۾ احتجاجي جلسو منعقد ڪيوويو

جنھن ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مرادعلي شاهه.اڳوڻي سنڌ جي و ڏي وزير سيد قائم علي شاه.نثاراحمد کھڙو.شرجيل انعام ميمڻ.مولابخش چانڊيو.نفيسه شاھ.خورشيد جوڻيجو. اعجاز جکراڻي. مڪيش ڪمار چاولا. گل محمد خان جکراڻي ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي. پيپلزپارٽي چئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران ڪراچي ۽ ٿر کانپو۽ رٿيل احتجاجي جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته اڄ ڪراچي کان ڪنڌڪوٽ تائين احتجاجي جلسن ۾ عوامي سمنڊ موجوده پي.ٽي.آئي سليڪٽڊ حڪومت کي پيغام ڏيئي رھيو آھي ته عمران خان نااھل حڪمران ثابت ٿي چڪو آھي جنھن کي بسترا گول ڪرڻا پوندا.

ھن چيو ته گذريل 70 سالن کان پاڪستان کي نقصان ڪو ن پھتو آھي جو عمران خان سترنھن مھينن ۾ ملڪ کي برباد ڪندي پوري دنيا اندر رسوا ڪري وڌو آھي.ھن چيو ته عوام مٿان مھانگائي جا پھاڙ ڪيرايا پيا وڃن.آئي.ايم.ايف آڏو ملڪ کي گروي رکيو ويو. سي پيڪ منصوبو بند ڪرايو پيو وڃي اھڙي نئين پاڪستان کان ته سو ڀيرا پراڻو پاڪستان بھتر ھو. ھن وڌيڪ چيو ته موجود ھ حڪومت ڀلي سياسي انتقامي ڪاروائيون ڪري سياسي اڳواڻن کي قيد ڪري پر ملڪي عوام جي تقديرن سان کيڏڻ کي پيپلز پارٽي ڪڏھن به برداشت نه ڪندي. ھن چيو  ته بي رحم ۽ منافق حڪومت خلاف ميدان ۾ نڪري چڪو آھيان گھڻو وقت عمران خان کي اقتدار ڏيڻ ملڪ جي ايندڙ وقت ۽ مسقبل لا۽ خطرناڪ محسوس ٿو ڪريان.

ھن چيو ته شھيد ذوالفقارعلي ڀٽو ۽ شھيد بينظير ڀٽو جي خون سان انصاف ته نٿي سگھيو پر ساھيوال سانحي جي بي گناهه معصوم ماڻھن جي خون سان ڀي نا انصافي ڪئي وئي. ھن آخر ۾ عوام موجوده پي.ٽي.آئي حڪومت جي خاتمي تائين عوام کي پيپلز پارٽي جي احتجاجي ڪاروان ۾ ڀرپور شرڪت جي اپيل ڪئي وئي.ان موقعي سيد قائم علي شاھ خطاب ڪندي چيو ته مولانا فضل الرحمن آزادی مارچ جو سفر شروع ڪري رھيو آھي پر موجوده حڪومت کي ڪيرائڻ ۾ ملھه پيپلز پارٽي ماري ويندي ھميشه ملھه پوئين ليکي ويندي آھي.ان موقعي  پيپلزپارٽي جي ٻين مرڪزي اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو