ڪراچي(اسٽفا رپورٽر) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نادرا ميگا سينٽر تي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته نسلا ٽاور سميت ٻين عمارتن کي ڪيرائڻ واري عدالتي حڪم تي عمل ڪريون پيا پر عدالت کي درخواست آهي ته پهريان متاثر ماڻهن کي متبادل فراهم ڪيو وڃي.هن چيو ته وفاق 26 ارب جي ويڪسين خريد ڪئي، ڪيتري ويڪسين هئي ۽ استعمال ڪيتري ٿي آهي سڄي ملڪ ۾ اسان کي خبر ناهي، ڪيتري رقم ۾ ويڪسين خريد ڪئي پئي وڃي اهو به ٻڌايو نه ويو آهي، اسان پيسا ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. وڏي وزير چيو ته جنهن حڪومت جي فارين پاليسي اڃا اها آهي ته اسامه بن لادن شهيد آهي ان تي ڇا چئي سگهجي ٿو، آئين ۾ لکيل آهي ته ڪير ڪهڙو ٽيڪس وصول ڪندو ڇا وفاقي حڪومت قانون تي عمل ڪرڻ نٿي چاهي؟










