ڪراچي (ويب ڊيسڪ)پاڪستاني خوبرو اداڪارا اريشا رازي خان اوچتو شادي ڪري پنهنجي مداحن کي حيران ڪري ڇڏيو آهي. 22 ورهين جي اريشا رازي خان جي شادي جون تصويرون ۽ وڊيوز ڪالهه اوچتو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون، جنهن کانپوءِ اداڪارا جا مداح خوشگوار حيران ٿي ويا.اريشا رازي خان پنهنجي زندگي جي سڀ کان وڏي ڏينهن تي ڏاڍي خوبصورت ۽ پراعتماد نظر آئي، هن شادي لاءِ هلڪي رنگ جي چونڊ ڪئي. ٻئي طرف اداڪارا هن وقت تائين پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي شادي جي تقريب جي ڪا به تصوير يا وڊيو شيئر نه ڪئي آهي پر هن پنهنجي مداحن پاران مبارڪن، نيڪ خواهشن ۽ دعائن تي ضرور شڪريو ادا ڪيو آهي.










