ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستان شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪارا ارمينا خان ملڪ ۾ برساتن سبب آيل ٻوڏ ۽ متاثر خاندانن جي امداد جي حوالي سان حڪومت تي تنقيد ڪئي آهي.برطانوي ڄائي پاڪستاني اداڪارا مائيڪرو بلاگنگ سائيٽ ٽوئيٽر تي لڳاتار ٻه ٽوئيٽ ڪيا.پهرين ٽوئيٽ ۾ هن هڪ انگريزي اخبار جو حوالو ڏنو ته هڪ ٻوڏ متاثر خاندان جي ننڍڙي ڇوڪري جنهن جي عمر صرف هڪ سال هئي، بک سبب سڄي رات روئيندي رهي ۽ جڏهن بک جي شدت برداشت نه ڪري سگهي ته هن پنهنجي جان وڃائي ڇڏي. هن خبر جي تصوير شيئر ڪندي ان خبر تي گهري افسوس جو اظهار پڻ ڪيو.










