ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ترڪي جو جڳ مشهور ڊرامو ارطغرل غازي ڀارت ۾ به بيحد مقبول آهي ۽ يو ٽيوب جي جاري ڪيل رپورٽ ۾ 2020 ۾ ڀارت ۾ سڀ کان وڌيڪ ڏٺي ويندڙ ويڊيوز ۾ چوٿين نمبر تي هي ڊرامو آهي. 18 ڊسمبر تائين ارطغرل عازي جي اردو يوٽيوب واري پهرين قسط 8 ڪروڙ 57 لک 66 هزار 600 کان مٿي ماڻهو ڏسي چڪا آهن. پاڪستان ۾ هي ڊرامو سڀ کان وڌيڪ ڏٺو ويندڙ ڊرامو آهي. ڀارت ۾ پهرين نمبر تي ڏٺي ويندڙ ويڊيو هڪ عام شخص جي ويڊيو آهي جنهن ۾ هو ٽڪ ٽاڪ تي پابندين جي مخالفت ڪري رهيو آهي.










