سانگهڙ (رپورٽر) سنجهورو ويجهو مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل ارشد عرف ارشو کورکاڻي جي قتل ڪيس ۾ سانگهڙ جي مقامي عدالت نامزد جوابدارن ڊي ايس پي عابد بروهي، ايس ايڇ او رحم حسين واسواڻو ۽ ٻين گهربل اهلڪارن جي عبوري ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي آهي. عدالت ۾ ٻنهي ڌرين جي وڪيلن جي دلائل مڪمل ٿيڻ بعد جج صاحب ڪيس جي سنگيني کي ڏسندي پوليس عملدارن جي ضمانت واري استدعا کي رد ڪرڻ جو حڪم ٻڌايو.










