اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ارشد شريف جي قتل تي جوڊيشل ڪميشن جوڙڻ لاءِ چيف جسٽس آف پاڪستان کي خط لکي ڇڏيو آهي.جرنلسٽس سيفٽي فورم کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ارشد شريف جي قتل جو واقعو انتهائي افسوسناڪ آهي.سندس چوڻ آهي ته هن ڪينيا جي صدر سان ارشد شريف جي قتل بابت ڳالهايو، اظهار جي آزادي هر سماج لاءِ ضروري آهي.وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته حڪومت صحافين جي حقن لاءِ قدم کڻي رهي آهي، پاڪستان صحافين جي تحفظ لاءِ به قانون سازي ڪئي آهي.هن اهو به چيو آهي ته حڪومت، ميڊيا ۽ سول سوسائٽي کي گڏجي صحافين لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو.










