ارشد شريف قتل ڪيس: سپريم ڪورٽ جي حڪم تي اسپيشل جي آءِ ٽي قائم

ارشد شريف قتل ڪيس: سپريم ڪورٽ جي حڪم تي اسپيشل جي آءِ ٽي قائم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ جي حڪم تي صحافي ارشد شريف جي قتل جي جاچ لاءِ نئين جي آءِ ٽي جوڙي وئي.سپريم ڪورٽ ۾ ارشد شريف قتل ڪيس بابت پاڻمرادو نوٽيس جي ٻڌڻي دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل عامر رحمان عدالت جي حڪم تي نئين جي آءِ ٽي موجب پيش ٿيو.عدالت پاران جوڙيل اسپيشل جاچ ٽيم ۾ ڊي آءِ جي اسلام آباد اويس احمد شامل آهي، ان کان علاوه ڊائريڪٽر سائبر ڪرائم ايف آءِ اي وقار الدين سيد به اسپيشل جي آءِ ٽي ۾ شامل آهي.آءِ بي مان ساجد ڪياني ۽ ايم آءِ جي مرتضيٰ افضل کي اسپيشل جي آءِ ٽي ۾ شامل ڪيو ويو آهي جڏهن ته آءِ ايس آءِ جو محمد اسلم به اسپيشل جي آءِ ٽي جو ميمبر آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو