واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)ڪينيا ۾ پاڪستاني صحافي ارشد شريف جي قتل کانپوءِ آمريڪا ڪينيا ۾ شوٽنگ سائيٽ ايموڊمپ سان 400,000 ڊالرن جو ٽريننگ معاهدو ختم ڪري ڇڏيو. قابل اعتماد ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته شوٽنگ واري جاءِ ڪراچي سان تعلق رکندڙ ڪاروباري ڀائيوار وقار ۽ جمشيد خان جي ملڪيت آهي.ذريعن موجب آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ ۽ ايموڊمپس وچ ۾ دهشتگردي ۽ منشيات خلاف معاهدا ٿيا.ذريعن جو چوڻ آهي ته سائيٽ مقامي پوليس جي پيشه ورانه صلاحيت کي بهتر بڻائڻ ۽ بين الاقوامي ڏوهن ۽ عدم استحڪام جي خلاف تربيت ۽ دهشتگردي جي خاتمي سان لاڳاپيل ٻيا مختلف معاهدا ڪيا ويا هئا.ذريعن موجب 23 آڪٽوبر تي ارشد شريف جي قتل واري رات لڳ ڀڳ 10 آمريڪي انسٽرڪٽر ان شوٽنگ واري هنڌ موجود هئا.ذريعن وڌيڪ ٻڌايو آهي ته ارشد شريف زندگيءَ جي آخري رات ايموڊمپ تي کاڌو هو.ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته آمريڪا کان علاوه ڪيترين ئي ٻين ڪمپنين به ايموڊمپ سان معاهدا ختم ڪري ڇڏيا آهن.واضح رهي ته وقار احمد ۽ جمشيد خان لڳ ڀڳ 7 سال اڳ ايموڊمپ رينج شروع ڪيو هو.










