اسلام آباد(بيورو رپورٽ)گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته حڪومت کي ارشد شريف جي قتل تي جوڊيشل ڪميشن ٺاهڻ تي ڪو اعتراض ناهي.هڪ بيان ۾ راڻا ثناءُ الله جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ جي هيومن رائيٽس ڪميشن ارشد شريف قتل ڪيس کي به ڏسي رهي آهي، فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ جو انتظار هو.گهرو وزير چيو ته جي آءِ ٽي اهڙين ڪيسن جي جاچ ڪندي آهي جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي، جي آءِ ٽي ۾ قابل آفيسر رکيا ويندا، سمورن ادارن جا ماڻهو شامل هوندا.هن چيو ته اعظم سواتي جي بيانن سان ڪنهن کي به هٿ نه لڳندا آهن، ميان شهباز شريف کي حڪمران سڏائڻ پسند ناهي.راڻا ثناءُ الله جو چوڻ آهي ته مون کي ۽ وزيراعظم کي خانگي ملڪيت سيل ڪرڻ جي ڪا به ڄاڻ نه هئي، جڏهن معلوم ٿيو ته شهباز شريف ملڪيت کي فوري طور تي سيل ڪرڻ جو حڪم ڏنو.










