اردن ۾ باهه سبب سڙي فوت ٿيل سنڌ واسين جا وڌيڪ تفصيل

دادو(ادل مهيسر) اردن ۾ نجي زمينن تي ڪم ڪندڙن جي بستي ۾ باهه لڳڻ سبب 13 پاڪستاني سڙي فوت ٿي ويا. اردن جي شهر ڪراما ۾ ڪيترين ئي سالن کان رهندڙ ضلع دادو جي علائقي ڪڪڙ جي رهواسين شريف جويو جي گهر کي بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب باهه لڳي ويئي جنهن جي نتيجي ۾ جويو خاندان جي 7 ٻارڙن،4 عورتن سميت 13 ماڻهو سڙي فوت ٿي ويا. سڙي فوت ٿيندڙن ۾ 10 سالا حفيظا،6 سالا دفالا،4سالا ختيجه،3 سالا محمد،46سالا مسمات صدوري،17 سالا حنيفه،4سالا محمد عمر، هڪ سال جو احمد جويو سميت ٻيا شامل آهن. هڪ ئي خاندان جي 13 ماڻهن جي اچانڪ موت تي وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو آهي.

جڏهن ته سوڳ ۾ ڪڪڙ شهر مڪمل طور بند ٿي ويو هر طرف ماحول سوڳوار آهي. وارثن مطابق دردناڪ واقعي ۾ فوت ٿيندڙ شريف جويو 15 سالن کان اردن جي شهر ڪراما جو رهائشي آهي. وارثن مطابق فوت ٿيندڙن جي جنازي نماز ۽ تدفين اردن ۾ ٿيندي.

اردن جي مقامي ميڊيا موجب هو ٽين جي ڇتين سان ٺهيل جهوپڙين ۾ رهندا هئا. پوليس جو چوڻ آهي ته 3 مزدور زخمي به ٿيا آهن جن کي اسپتال پهچايو ويو آهي ۽ سندن حالت ڳڻتي کان ٻاهر آهي. اردن ۾ وڏي پيماني تي شامي پناهه گير به ڪيمپن ۾ رهن ٿا پر ان سان گڏو گڏ ڪيترائي پرڏيهي مزدور انتهائي گهٽ سهولتن واري ماحول ۾ مختلف ملڪن جا ماڻهن جي نجي زمينن تي رهندا آهن. اردن جي سرڪاري ٽي وي جي ويب سائيٽ موجب اردن جي وادي وڏي زرخيز آهي ۽ اڪثر زراعت جي شعبي ۾ ڪم ڪندڙ مزدور خراب حالتن ۾ رهن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو