اداڪار احسن خان جو والد لاڏاڻو ڪري ويو

اداڪار احسن خان جو والد لاڏاڻو ڪري ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني مشهور اداڪار احسن خان جا والد لاڏاڻو ڪري ويا آهن. فوٽو ۽ وڊيو شيئرنگ پليٽ فارم انسٽاگرام تي اداڪار احسن خان پنهنجي والد جي لاڏاڻي جي ڏکوئيندڙ خبر مداحن سان شيئر ڪئي آهي. اداڪار انسٽاگرام تي پنهنجي والد سان گڏ ڪجهه تصويرون پوسٽ ڪندي سندس لاڏاڻي تي هڪ جذباتي ۽ دل کي ڇهندڙ پيغام پڻ لکيو آهي. احسن خان لکيو آهي ته: ”ڪجهه جُدايون اسان کي زندگيءَ جي سڀ کان وڏي حقيقت ياد ڏيارين ٿيون ته هن دنيا ۾ ڪا به شيءِ هميشه رهڻ واري ناهي ۽ هر شيءِ الله تعاليٰ جي ئي امانت آهي.“ هن وڌيڪ لکيو ته: ”منهنجا والد هڪ انتهائي شاندار انسان هئا ۽ اڄ آئون جيڪو ڪجهه به آهيان، ان ۾ سندن بنيادي ڪردار آهي.“ احسن خان چيو آهي ته: ”هن ڏکئي وقت ۾ جن ماڻهن مون سان رابطو ڪيو، محبت جو اظهار ڪيو ۽ منهنجو ساٿ ڏنو، آئون ان سڀني جو دل جي گهراين سان شڪرگذار آهيان. اوهان جي محبت ۽ شفقت مون کي اهو احساس ڏياريو ته آئون هن آزمائش ۾ اڪيلو ناهيان، ۽ اهو منهنجي لاءِ لفظن کان ڪٿي وڌيڪ اهميت رکي ٿو.احسن خان جي والد جي لاڏاڻي تي مداح، شوبز شخصيتون ۽ سوشل ميڊيا واپرائيندڙ (صارفين) سندس ۽ سندس گهرڀاتين سان دلي تعزيت جو اظهار ڪري رهيا آهن ۽ مرحوم جي مغفرت لاءِ دعائون گهري رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو