اسلام آباد(بيورو)بچاءَ واري وزير خواجا آصف جو چوڻ آهي ته اقتدار کان محرومي عمران خان کي چريو بڻائي ڇڏيو آهي، ادارن تي حملو ڪرڻ يا بغاوت جي حوصلا افزائي واضح طور تي ملڪ دشمني آهي.هڪ بيان ۾ خواجا آصف چيو ته اقتدار هڪ اڻ کٽ شيءِ آهي، اها هميشه ڪنهن وٽ نه رهندي آهي.بچاءَ واري وزير چيو ته اختلاف ڪرڻ صحيح آهي، پر ادارن تي حملو ڪرڻ يا بغاوت کي اڀاري ڏيڻ واضح طور تي ملڪ دشمني آهي، اقتدار کان محرومي عمران خان کي چريو بڻائي ڇڏيو آهي.خواجا آصف چيو ته عمران ۽ سندس پوئلڳ پاڪ فوج کي نشانو بڻائي ملڪ دشمن ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيا آهن.










