ادارا پنهنجي حدن ۾ رهي ڪم ڪن، معافي نه گهرنداسين: تحريڪ انصاف

لاهور: (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي اڳواڻن چيو آهي ته ادارا پنهنجي حدن ۾ رهي ڪم ڪن، اسان جي پارٽي ڪنهن کان به معافي نه گهرندي.قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر ۽ تحريڪ انصاف اڳواڻ اسد قيصر 9 مئي جي واقعن تي معافي گهرڻ کان انڪار ڪندي چيو آهي ته اسان پنهنجي پيءُ کان معافي نه گهرندا آهيون ڪنهن ٻئي کان ڇو معافي گهرون.نجي ٽي وي کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ 9 مئي جي واقعن تي معافي بابت سوال تي اسد قيصر چيو ته الله معاف ڪري اسان پنهنجي پيءُ کان معافي نه گهرندا آهين ته ڪنهن ٻئي کان معافي وٺڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته ملڪ جا ادارا حدن ۾ رهي ڪم ڪن ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جي حڪمراني هجي، سمورين شهرين کي برابري جا حق ملن، ان جي لاءِ اهم ڳالهه اها آهي ته ادارن کي پنهنجي حدن ۾ رهي ڪم ڪرڻو پوندو. ٻئي طرف پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر چيو آهي ته اسان جو پهرين ڏينهن کان مطالبو رهيو آهي ته 9 مئي جي واقعن تي جوڊيشل ڪميشن جوڙيو وڃي. هن چيو ته 9 مئي واقعن جي سي سي ٽي وي فوٽيج ڪٿي آهي؟ اسان 9 مئي تي پرامن احتجاج ڪنداسين جنهن جي ٽڪيٽ هولڊر اڳواڻي ڪندا. بيرسٽر گوهر چيو ته پي ٽي آءِ باني جو آمريڪي مداخلت جي الزام جو مقصد ائين نه هو ته آمريڪا سان لاڳاپا خراب ڪيا وڃن. پي ٽي آءِ باني طرفان پاڪستان ۾ آمريڪي مداخلت جو الزام حڪومتي سطح تي اٿاريو ويو هو.هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ باني سپريم ڪورٽ جي حڪم تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي ڪنهن به پارٽي کي کٽيل سيٽن کان وڌيڪ سيٽون نه ڏنيون وينديون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو