اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته سمورا ادارا ملڪ مان اسمگلنگ جي لعنت جي خاتمي لاءِ ڪوششون تيز ڪن.وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اسمگلنگ جي روڪٿام جي حوالي سان جائزو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ لاڳاپيل ادارن جي عملدارن شرڪت ڪئي ۽ سمگلنگ جي روڪٿام ۽ هن وقت تائين حاصل ٿيندڙ نتيجن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.وزيراعظم هدايت ڪئي ته سمگلنگ ڪندڙن، سندن سهولتڪارن ۽ ٽرانسپورٽرن کي پڪڙيو وڃي ۽ سمگلنگ ۾ استعمال ٿيندڙ گاڏيون ضبط ڪيون وڃن، سمگلنگ ۾ ملوث ماڻهن کي پاڪستان جي معيشت کي نقصان پهچائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.شهباز شريف چيو ته سمگلنگ جي روڪٿام لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال کي يقيني بڻايو ويو آهي، اها سٺي ڳالهه آهي ته لاڳاپيل ادارن جي ڪارروائين جي نتيجي ۾ اسمگلنگ ۾ گهٽتائي آئي آهي. ايف بي آر، گهرو وزارت ۽ ٻيا ادارا پنهنجو تعاون وڌيڪ بهتر ڪن.وزيراعظم وڌيڪ چيو ته سرحدي علائقن ۾ ماڻهن کي روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ جامع حڪمت عملي پيش ڪئي وڃي، سمورا ادارا ملڪ مان اسمگلنگ جي لعنت کي مڪمل طور ختم ڪرڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪن.










