اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) منصوبه بندي واري کاتي جي وفاقي وزير احسن اقبال پنهنجي پيغام ۾ چيو ته روشن مستقبل جمهوري عمل جي تسلسل ۽ ادارن جي استحڪام سان جڙيل آهي. اسان کي پنهنجا اختلاف وساري جمهوري ادارن کي مضبوط ڪرڻو پوندو. ماضي ۾ هر ڀيري جمهوري عمل ۾ رنڊڪون پيدا ڪيون ويون، جمهوري عمل ۾ معطلي سان سياسي عدم استحڪام، معاشي بدحالي پيدا ٿي آهي. احسن اقبال چيو آهي ته اسان سڀني کي گڏجي جمهوري عملي کي هٿي ڏيارڻ ۽ معاشي ترقي جي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو، ترقي جو ڪوبه شعبو هجي اڄ عالمي مسابقت ۾ پاڪستان تمام گهڻو پوئتي رهجي ويو آهي.احسن اقبال چيو ته اسان کي محنت، جدت، معيار ۽ علم تي ٻڌل معيشت کي هٿي ڏيڻي پوندي. اسان جو پڪو ارادو آهي ته پاڪستان کي 2035 تائين 1 هزار ارب ڊالر جي معيشت بنائينداسين. هن چيو ته انهي عمل جي تڪميل لاءِ جمهوري استحڪام ۽ پاليسين ۾ تسلسل جي ضرورت آهي. جمهوري عمل ترقي سان گڏ مضبوط ڪرڻو پوندو. اهوئي بقا ۽ ڪاميابي جو رستو آهي.










