احمد علي خان جي بلاول سان ملاقات،علي گوهر خان لاءِڌچڪو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سليڪٽيڊ ۽ لي پالڪ حڪومت ملڪي معيشت جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي. اهڙو اظهار هن گهوٽڪي جي نوجوان سياستدانن جي وفد سان شهيد بينظيرآباد ۾ ٿيل ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. صنعتن ۽ راندين بابت مشير سردار محمد بخش خان مهر جي سربراهي ۾ فوت ٿي ويل وفاقي وزير سردار علي محمد خان مهر جي فرزند احمد علي خان مهر ۽ بنگل خان مهر تي مشتمل وفد ملاقات ڪئي. پي پي ميڊيا سيل جي ترجمان نذير ڌوڪي پاران جاري ڪيل بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري وفد سان ملاقات ۾ وڌيڪ چيو ته وفاقي حڪومت نه رڪجندڙ مهانگائي جي طوفان سبب عوام جو خون چوسي ڇڏيو آهي. هاڻي عوام کي سڙڪن تي اچي ملڪي معيشت بچائڻي پوندي.

بيان موجب علي محمد خان مهر جي وفات سبب خالي ٿيل قومي اسمبلي جي سيٽ 205 تي ننڍي چونڊ ۽ حڪومت خلاف تحريڪ ۽ عوامي رابطا مهم بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته احمد علي خان مهر پنهنجي چاچن بدران سوٽن سان گڏ سياسي سفر جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان ملاقات ۾ گهوٽڪي مان پيپلز پارٽي جي چونديل ايم پي اي راجه مهر کي شامل نه ڪرڻ پڻ هڪ وڏو سوال آهي. سياسي مبصرن موجب اها ملاقات علي گوهر خان مهر لاءِ هڪ وڏو ڌچڪو آهي. احمد علي خان مهر کي اڳ ۾ تعلقي خانڳڙهه جو ناظم بڻايو ويو هو ۽ علي گوهر خان پنهنجي اڪيلي پٽ کي ضلعي ناظم ڪرايو هو. هاڻي علي محمد خان جي وفات بعد خالي ٿيل سيٽ تي هن جو خيال هو ته هو پاڻ چونڊ وڙهي پر ان تي خاندان ۾ اختلاف واضح ٿي ويا. علي محمد خان جي وفات بعد وڏو وزير ٻه ڀيرا تڏي تي آيو ۽ بلاول ڀٽو به ٽيجهي کان اڳ پهتو هو. جڏهن ته هڪ به وفاقي وزير ۽ وزيراعظم عذر خواهي لاءِ نه آيو ۽ ٻيو ته ٺهيو پر علي گوهر خان جي ”جي ڊي اي“ جو ڪو اڳواڻ به ٽيجهي تائين عذر لاءِ نه پهتو هو، سڀ بعد ۾ آيا هئا. ذريعن جو چوڻ آهي ته ننڍي چونڊ ۾ پيپلزپارٽي احمدعلي خان کي ٽڪيٽ ڏيندي جنهن سبب علي گوهر خان لاءِ گهرو توڙي سياسي طور پريشانين ۾ اضافو ٿيندي نظر اچي ٿو. بظاهر ائين پيو لڳي ته گهوٽڪي جي سياست تي علي گوهر خان جو ڪنٽرول گهٽبو ٿو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو