لاهور(ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ احمد اويس کي ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب جي عهدي تي بحال ڪري ڇڏيو.لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عاصم حفيظ احمد اويس جي بحالي واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.عدالت نگران حڪومت جو ايڊووڪيٽ جنرل کي عهدي تان هٽائڻ وارو نوٽيفڪيشن معطل ڪندي کيس بحال ڪري ڇڏيو.عدالت پنجاب حڪومت کي 30 جنوري صبح 10 وڳي لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.










