اسلام آباد(بيورو)منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال پاڪ-چين اقتصادي راهداري (سي پيڪ) تي ڪم ڪندڙ چيني سيڙپڪارن ۽ ڪانٽريڪٽرن کي درپيش مسئلن کي فوري طور تي حل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي، جنهن ۾ انهن جي ويزا ڪيسن تي عملدرآمد به شامل آهي. ذريعن موجب سي پيڪ اٿارٽي جي آفيسن جي دوري دوران صوبائي وزير لاڳاپيل اختيارين کي هڪ ڍانچو تيار ڪرڻ جي به هدايت ڪئي ته جيئن سي پيڪ اٿارٽي کي ختم ڪري منصوبابندي ۽ ترقي واري وزارت ۾ ضم ڪري سگهجي، ڇاڪاڻ ته اهو تضاد آهي،احسن اقبال ٻڌايو ته سي پيڪ اٿارٽي غير فعال آهي ۽ ان حوالي سان وزارتن جي ڪردار جي تضاد آهي، رڳو ڪم جي ڪاپي ڪئي وئي، ان جي ذميواري ڪنهن به نه ورتي.










