اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ طالبان پاڪستان جي اڳوڻي ترجمان احسان الله احسان جي سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل هڪ ويڊيو ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته هو فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي. بي بي سي جي رپورٽ موجب ان باري ۾ جڏهن پاڪستان فوج جي ترجمان سان رابطو ڪيو ويو ته هن تصديق يا ترديد کان انڪار ڪيو ۽ چيو ته هو في الحال ان تي ڪو تبصرو ڪرڻ نٿا چاهين. ان بابت ڀارتي اخبار سنڊي گارجين 18 جنوري تي هڪ رپورٽ شايع ٿي هئي جنهن ۾ چيو ويو هو ته پاڪستاني فوج جي حراست مان طالبان اڳواڻ 11 جنوري تي “فرار” ٿي ويو هو. ڀارتي اخبار موجب اهڙي رپورٽ بعد 12 جنوري تي مهمند ايجنسي ۾ واقع احسان الله جي گهر تي سيڪورٽي فورسز ڇاپو هڻي سندس والد کي گرفتار ڪيو هو. احسان الله احسان 17 اپريل 2017 تي فوج آڏو پيش پيو هو جنهن بعد 26 اپريل تي فوج جاري ڪيل سندس اقبالي بيان ۾ چيو هو ته هن ڀارتي ڳجهي ايجنسي را لاءِ ڪم ڪندو هو. سندس گرفتاري جي ڪجهه ڏينهن بعد هن حراست مان جيو ٽي وي کي انٽرويو ڏنو هو جنهن ۾ ڪلڀوشن سان تعلق جي ڳالهه به ڪئي هئي. ڀارتي اخبار دعويٰ ڪئي هئي ته احسان الله احسان کي افغانستان جي صوبي پڪتيڪا مان 4 ساٿين سميت آءِ ايس آءِ 7 مارچ تي گرفتار ڪيو هو پر خبر 17 اپريل تي هن جي سرينڊر جي سامهون آئي هئي. ياد رهي ته احسان الله احسان ملا لا يوسفزئي ۽ 2014 ۾ آرمي پبلڪ اسڪول تي حملي جي ذميواري قبول ڪئي هئي. احسان الله احسان جي گهرواري ۽ 2 ڌيئر به گم آهن. ويڊيو پيغام ۾ هو چوي ٿو ته پاڪستان جي سيڪورٽي ايجنسين ساڻس ڪيل معاهدي جي پاسداري نه ڪئي جنهن ڪري هن فرار ٿيڻ جي رٿا بندي ڪئي ۽ 11 جنوري تي هو ڪامياب ٿي ويو. ٻن نٽن جي ويڊيو ۾ هو اهو به چوي ٿو ته پنهنجي گرفتاري ۽ سيڪورٽي فورسز سان ڪيل معاهدي سميت ٻين معاملن جا تفصيل بعد ۾ جاري ڪندو.










