اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪار احد رضا مير هالي ووڊ ۾ پنهنجي شاندار انٽري سان نه رڳو پاڪستاني پر ڀارتي مداحن جون دليون کٽي ورتيون.گذريل ڪجهه عرصي کان افواهون گردش ڪري رهيون آهن ته احد رضا مير جلد ئي نيٽ فلڪس جي اصل ”ريزيڊنٽ ايول“ ۾ نظر ايندو ۽ مداحن کي سيريز جي رليز جو بي صبري سان انتظار آهي.نيٽ فلڪس سيريز ”ريزيڊنٽ ايول“ جي رليز ٿيڻ سان ئي احد رضا مير ڪالهه کان پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ٽوئيٽر تي ٽاپ ٽرينڊز مان هڪ آهي.سوشل ميڊيا تي مداحن نيٽ فلڪس سيريز ۾ اداڪار جي شاندار ڪارڪردگي کي ساراهيو آهي.اچو ته هتي مداحن پاران ڪيل ٽوئيٽس تي هڪ نظر وجهون.










