سکر (ن سنڌ يار) احتساب عدالت نيب جي درخواست رد ڪندي ايم پي اي فرخ شاهه کي ھڪ ڏينھن سينٽرل جيل اماڻي ڇڏيو، پ پ ايم اين اي خورشيد شاھ جي پٽ ايم پي اي فرخ شاھ کي نيب احتساب عدالت ۾ پيش ڪري نيب پراسيڪيوٽر فرخ شاھ جو رمانڊ ڏيڻ جي استدعا ڪئي، احتساب عدالت جي جج فريد انور قاضي نيب جي درخواست رد ڪري ڇڏي ۽ فرخ شاھ کي جوڊيشل رمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو، واضح رهي ته فرخ شاھ ٻه ڏينھن اڳ سپريم ڪورٽ جي حڪم تي گرفتاري ڏني هئي، ايڊيسنل سيشن جج جي حڪم تي نيب فرخ شاھ کي اڄ احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو، فرخ شاھ ٻن ڏينھن تائين نيب جي تحويل ۾ رھيو، هن جي پيشي جي موقعي تي پ پ ايم پي اي فرخ شاھ سان گڏ صوبائي وزير اويس قادر شاھ به موجود هو..










