ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) بحريه ٽائون آڏو ڀلي احتجاج ڪيو پر هاءِ وي سوڌو مين روڊ بند نه ڪيو، اهڙي صورتحال پيدا نه ڪئي وڃي، جنهن سان بدنظمي پيدا ٿئي، حڪومت ۽ انتطاميا احتجاج اڳيان ڪي به رڪاوٽون پيدا نه ڪيون آهن، سُڌ سماءَ واري صوبائي وزير ناصر شاهه چيو آهي ته ملير ۾ ڪوبه قديمي ڳوٺ مسمار ناهي ٿيو، نه ئي ڳوٺاڻن خلاف ايڪشن کنيو ويو، پ پ چيئرمين جي نوٽيس وٺڻ بعد بحريه ٽائون جو اڏاوتي ڪم بند ڪرايو ويو آهي، معاملي جي جاچ جاري آهي، پڪ ڏياريون ٿا ته سنڌ سرڪار ۽ ملير جا چونڊيل نمائندا ڳوٺاڻن سان گڏ آهن، بلاول هائوس ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران ناصر شاهه چيو ته صوبن ۾ پاڻي ورڇ لاءِ 91ع واري ٺاهه تي عمل نٿو ڪيو وڃي، سنڌ ۾ هاڻي به پاڻي جي کوٽ 35 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي، پاڻي کوٽ سڀني صوبن ۾ برابري جي بُنياد تي ورهائڻ گهرجي.










