احتجاج تي ٿيل ڪريڪ ڊائون،پوليس خلاف توهين عدالت جي ڪاروائي جي درخواست

احتجاج تي ٿيل ڪريڪ ڊائون،پوليس خلاف توهين عدالت جي ڪاروائي جي درخواست

نوشھرو فيروز (ن س)سماجي اڳواڻ سنڌو نواز گهانگهرو ۽ سندن ساٿين مٿان ڪيس بدامني خلاف ڪيل احتجاج تي ڪنڊيارو پوليس پاران دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪرڻ وارو معامرو ڪنڊيارو پوليس خلاف “توهين عدالت” جي ڪارروائي لاءِ سنڌو نواز گهانگهرو عدالت پهتل سنڌ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي جي چيئرپرسن سنڌو نواز گهانگهرو ، حمز علي چانڊيو ۽ ٻين کي بي ڏوهي باندي بڻائڻ ۽ ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ خلاف ڪنڊيارو پوليس تي عدالتي حڪم باوجود ايف آئي آر نہ ٿي سگهي. ايس ايڇ او ڪنڊيارو مجيب ناريجو خلاف “توهين عدالت” جي ڪارروائي لاءِ سماجي اڳواڻ سنڌو نواز گهانگهرو ۽ حمز علي چانڊيو نوشهري جي عدالت ۾ پهچي ويا. 21 مارچ 2023 تي فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج/ ايڪس آفيشيو جسٽس آف پيس اينڊ ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ جي جج جناب عبدالحفيظ صاحب 8 سڃاتل ۽ 20 اڻسڃاتلن پوليس اھلڪارن خلاف ايف آئي آر داخل ڪرڻ جو اهڙو حڪم جاري ڪيو هو. نامزد ڪيل جوابدارن ۾ ايس ايڇ او قربان ڪلوڙ، ڊي ايس پي ڪنڊيارو اشفاق علي باجوا، سپاهي ضمير سيال، افتخار شاہ، مولا بخش بروهي، مور چاچڙ، اي ايس آئي عبدالستار ميتلو ۽ 20 ٻيا شامل آهن, رابطو ڪرڻ تي سماجي اڳواڻ سنڌو نواز گهانگهرو ٻڌايو ته ايس ايڇ او ڪنڊيارو عدالتي حڪم باجود اسانجو ڪيس داخل نه ڪري رهيو آھي رات ٿاڻي تي پهتاسين ته موجودا ايس ايڇ مجيب ناريجو اسانکي ڌمڪيون ڏيندي چيو ته ڪيس داخل ڪرڻ واري آرڊر تان هٿ کڻي وڃون نه ته اوهان خلاف ٻيا به ڪيس داخل ڪيا ويندا هنن چيو ته پوليس دهشتگردي جو مظاهرو ڪري رهي آھي ۽ اسانکي حراسان ڪيو پيو وڃي جيڪڏھن ڪيس داخل نه ڪيو ويو ته پوليس خلاف سخت احتجاج ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو