ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ جي مشهور اداڪار اجي ديوگن فلم هدايتڪار نيرج پانڊي سان جلد نئين فلم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.اداڪار اجي ديوگن سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي هدايتڪار نيرج پانڊي کي ٽيگ ڪندي لکيو ته اسان جلد گڏ هڪ فلم ڪرڻ وارا آهيون.ڀارت جو اعليٰ ترين پدم شري ايوارڊ حاصل ڪندڙ اداڪار چيو ته سندس نئين فلم 16 جون 2023 تي سڄي دنيا ۾ رليز ڪئي ويندي.ڀارتي سڌ سماءَ واري اداري پريس ٽرسٽ انڊيا (پي ٽي آءِ) جو چوڻ آهي ته نئين فلم شهنشاهه چندرگپت موريا جي شاهي صلاحڪار چانڪيا جي زندگي تي ٻڌل هوندي.ڀارتي ميڊيا موجب هدايتڪار نيرج پانڊي فيبروري 2020ع ۾ پنهنجي نئين فلم جي تفصيل ميڊيا سان شيئر ڪئي هئي پر ڪورونا وائرس سبب پروجيڪٽ ۾ دير ٿي وئي.










