اجرڪ اسان جي ثقافت آهي، نمبر پليٽن وارو فيصلو واپس نه ٿيندو

اجرڪ اسان جي ثقافت آهي، نمبر پليٽن وارو فيصلو واپس نه ٿيندو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي ايڪسائز کاتي واري وزير مڪيش چاولا چيو آهي ته حڪومت گاڏين تي اجرڪ واري نمبر پليٽ لڳائڻ جو فيصلو ڪنهن به صورت ۾ واپس نه وٺندي. نجي ٽي وي چينل کي انٽرويو ۾ مڪيش چاولا واضح ڪيو ته اجرڪ واري نمبر پليٽ سڀني موٽر سائيڪل ۽ گاڏي وارن کي لڳائڻي پوندي، سنڌ حڪومت اهو فيصلو ڪنهن به صورت ۾ واپس نه وٺندي. هن چيو ته اجرڪ اسان جي ثقافت آهي، ڪنهن کي ڇو تڪليف ٿي رهي آهي، نمبر پليٽ تي قائداعظم جي مزار ۽ سنڌ حڪومت جو لوگو به موجود آهي. سندس چوڻ هو ته اهي نمبر پليٽون 2021 کان جاري ڪري رهيا آهيون پر ڪجهه لساني ماڻهن اهو ايشو بڻايو ۽ لسانيت پکيڙي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو