پيانگ يانگ(ويب ديسڪ)ميزائيل تجربا تيز ڪرڻ واري بيان جي هڪ هفتي بعد اتر ڪوريا هڪ ٻئي بيلسٽڪ ميزائل جو تجربو ڪيو آهي. اتر ڪوريا جنوري کان وٺي 14 ميزائل تجربا ڪيا آهن، جن ۾ 2017 کان وٺي پوري رينج تي پهريون بين البراعظمي بيلسٽڪ ميزائل ٽيسٽ به شامل آهي. گذريل هفتي، ڪم جونگ ان هڪ وڏي فوجي پريڊ جي نگراني ڪئي ۽ ممڪنه حملن کان خبردار ڪندي چيو هو ته ايٽمي هٿيارن کي تيزيء سان وڌائڻ ۽ بهتر ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو. سيٽلائيٽ تصويرون مان ظاهر آهي ته هو ايٽمي ٽيسٽ جلد ئي ٻيهر شروع ڪري سگهن ٿا. جاپان ۽ ڏکڻ ڪوريا تازن تجربن جي مذمت ڪندي ھڻتي ظاهر ڪئي آهي ته ان سان خطي ۽ عالمي امن لاءِ خطرو پيدا ٿي ويو آهي. اتر ڪوريا جو هي ميزائيل جاپان جي اڪنامڪ زون کان ٻاهر ڪريو آهي.










