اتر وزيرستان ۾ شهيد ٿيندڙ جوان جي سرڪاري اعزاز سان تدفين

اتر وزيرستان ۾ شهيد ٿيندڙ جوان جي سرڪاري اعزاز سان تدفين

پڊعيدن (مجاهد شر) اتر وزيرستان ۾ بارودي سرنگ جي ڌماڪي ۾ شھيد ٿيل فوجي جوان ساجد راجپوت جو مڙهه پڊعيدن پهچڻ بعد فوجي  آفيسر ۽ فوجي دستا ڊپٽي ڪمشنر نوشھروفيروز ۽ سوين شھري سياسي سماجي اڳواڻ ۽ چونڊيل نمائندا پهچي نماز جنازه ادا ڪئي جنهن ۾ ڊپٽي ڪمشنر نوشھروفيرو ڪيپٽن ر بلال شاھد رائو ۽ ڪرنل مُبشر سميت فوجي جوانن ۽ سوين شھرين شرڪت ڪئي. شھيد فوجي جوان کي فوجي سلامي ۽ سرڪاري اعزاز سان اباڻي قبرستان لڳ زرعي فارم ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. ياد رهي ته گذريل ڏينهن اتر وزيرستان ۾ بارودي سرنگ جي ڌماڪي ۾ فوجي جوان ساجد راجپوت سميت 3 فوجي جوان شھيد ۽ ھڪ زخمي ٿيو هيو. واضح رهي ته شھيد ساجد راجپوت کي هڪ پٽ ۽ ٻن نياڻين جو اولاد آھي شھيد سميت  3  ڀائر پاڪ آرمي ۾ وطن جي حفاظت ڪري رهيا آھن جن مان هڪ ساجد راجپوت شھيد ٿي ويو سندس فوجي ڀائرن جو چوڻ آھي ته هي هڪ ڀاءُ ته ڇا اسان پنج ئي ڀائر وطن تي قربان ٿيڻ لاءِ بيتاب آھيون.

پهنجو تبصرو موڪليو