اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي، ٻه دهشتگرد مارجي ويا

اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي، ٻه دهشتگرد مارجي ويا

اتر وزيرستان (ويب ڊيسڪ) اتر وزيرستان جي علائقي ايشام ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ ٻه دهشتگرد مارجي ويا آئي ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان مطابق سيڪيورٽِ فورسز ۽ دهشتگردن جي وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي جنهن ۾ دهشتگرد مارجي ويا بيان ۾ چيو ويو ته مارجي ويل دهشتگردن وٽان هٿيار ۽ بارود به هٿ ٿيو آهي مارجي ويل دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز جي خلاف دهشتگردي جون ڪارروايون ڪري رهيا هئا بيان ۾ چيو ويو ته هي واقعو پاڪ فوج جي پاڪستان ۾ دهشتگردي جي خلاف عدم برداشت جي عزم جي تصديق ڪري ٿو ۽ تشدد جو سهارو وٺندڙ ڪنهن به ۽ سمورن ادارن جي خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو عزم ورجائي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو