اتر وزيرستان: اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ، 4 دهشتگرد مارجي ويا

اتر وزيرستان: اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ، 4 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)اتر وزيرستان ۾ اڻڄاتل جوابدارن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا.سي ٽي ڊي ذريعن موجب جوابدارن جي منتقلي دوران اڻڄاتل ماڻهن فائرنگ ڪئي.سي ٽي ڊي ذريعن جو چوڻ آهي ته جوابدارن ۽ فورسز وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ سڪيورٽي اهلڪار زخمي ٿي پيو.سي ٽي ڊي ذريعن جو چوڻ آهي ته سرچ آپريشن دوران هڪ حملي آور جو لاش پڻ هٿ آيو آهي.سي ٽي ڊي ذريعن جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگرد سڪيورٽي فورسز تي حملن، ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ ٻين ڏوهن ۾ گهربل هو.سي ٽي ڊي ذريعن موجب، باقي دهشتگرد فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو